لعلورائنڪ جي مشهور شخصيت حافظ محمد ايوب جوڻيجو حسيني بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

0
231

روشن علي مغيري

لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ جي مشهور شخصيت حافظ محمد ايوب جوڻيجو حسيني ڪافي وقت کان وٺي بيمار رهڻ کانپوءِ اڄ هميشه جي لاءِ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته حافظ محمد ايوب جوڻيجو کي معدي ۾ ڪينسر هيو ۽ رت جا به اڇا جزا ختم ٿي ويا هئا جنهن ڪري حافظ جو موت واقع ٿيو. حافظ محمد ايوب جوڻيجو هزارن جي تعداد ۾ قرآن جا حافظ تيار ڪيا ۽ دين جي خدمت جي جذبي تحت سڀني کان اڳرو هيو۔

حافظ محمد ايوب جي اچانڪ وڇوڙي سبب شهر جي هر ماڻهو جون اکيون آليون نظر پئي آيون. حافظ صاحب جا شاگرد جيڪي هن کي روحاني ابو ڪوٺيندا هئا اهي پنهنجي استاد جي موت جي خبر ٻڌي اوڇنگارون ڏيڻ لڳا ۽ ايمبولينس کي چنبڙي روئڻ لڳا۔

حافظ صاحب جي جنازي نماز قمبر واري سيد غلام حسين شاھ جي فرزند عطا ﷲ شاھ جن پڙهائي جنازي ۾ سون جي تعداد ۾ عالمن، نعت خوانن، ۽ حافظن ۽ سياسي سماجي ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ هزارين آلين اکين سان لعلورائنڪ ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here