زرعي پاڻي جي خلاف آبادگارن ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي ڪارڪنن جو احتجاج

0
189

وارھہ (مظفر قاضي) زرعي پاڻي جي خلاف آبادگارن ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي ڪارڪنن جو احتجاج جلدپڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ جو مطالبو خبر موجب وارھہ تعلقي جي مختلف شاخن ڪنئور ، نصير ، پنا ، تنيا مائينر ، پهنوارو ، ڪالري ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي نه پهتو جنهن سبب تعلقي جي هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل سڙڻ لڳو آھي پاڻي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ هاري تحريڪ جي ڪارڪنن غلام مصطفيٰ کاهوڙي چانڊيو، نوريز چانڊيو ، عرفان منان ، محمد علي چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته ربيع جو پاڻي هر سال 20 جنوري تائين پهچي ويندو آھي۔

هن سال مهينو گذري وڃڻ پاڻي ناهي پهتوجنهن سبب ڳڙهي ريگيوليٽر کان نڪرندڙ سمورين شاخن ۾ پاڻي ناهي آيو جنهن سبب فصل سڙي رهيو آھي فصل مٿان لکين روپيا سيڙپ ٿيل آھي پاڻي نه اچڻ جي صورت ۾ سندن جو مجموعي طور ڪروڙين روپيا نقصان ٿيندو هنن چيف انجنيئر وارھہ بئراج ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڳڙھي ريگيوليٽر کان نڪرندڙ شاخن ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچائي آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here