گهانگهرڪو ٻيلي جي 200 ايڪڙ سرڪاري زمين تي پوکيل فصلن کي فارسيٽ کاتي ڀلائي ڇڏيو

0
164

ڏوڪري: (رپورٽر)

ڏوڪري ڀرسان گهانگهرڪو ٻيلي جي 200 ايڪڙ سرڪاري زمين تي پوکيل فصلن کي فارسيٽ کاتي ڀلائي ڇڏيو. فارسيٽ آفيسرن پاران رينجررس ۽ پوليس ساڻ ڪري ٻيلي جي زمين تي پوکيل ڪڻڪ فصل کي ڀيلايو ويو۔ گذريل ڏينهن ٻيلي کاتي لاڙڪاڻو جي ڊي ايف او عبالعليم ٻُرڙو ۽ آر ايف او ڏوڪري ڪريم بخش منڱريو رينجرس ۽ پوليس جي موجودگي ۾ آپريشن ڪري ٽريڪٽرن ذريعي 200 ايڪڙ سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمين تي بااثر ماڻهن جي غير قانوني پوکيل ڪڻڪ جي فصل کي ڀيلائي سرڪاري زمين خالي ڪرائي وئي۔

ان ڏس ۾ ٻيلي کاتي لاڙڪاڻو جي ڊي ايف او عبدالعليم ٻُرڙو، آر ايف او ڏوڪري ڪريم بخش منڱريو ميڊيا کي ٻڌايو تہ سپريم ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ضلعي لاڙڪاڻي جي هزارين ايڪڙ سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا هٽائڻ لاءِ مختلف ٻيلن تي ٿيل قبضن کي هٽائڻ مرحليوار ڪاروائي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو تہ گھانگهرڪو ٻيلي ۾ بہ 200 کان وڌيڪ ايڪڙ سرڪاري زمين تي بااثر ماڻهن طرفان ڪيل قبضا ختم ڪري ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل ڀيلائي رهيا آهيون، هنن چيو تہ ڏوڪري تعلقي ۾ ٿيل قبضن کي ڪاروايون ڪري قبضا ختم ڪرائي سرڪاري زمين خالي ڪرائي آهي، هنن چيو ته خالي ٿيل زمين تي ٻيهر وڻ پوکيا ويندا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here