شهيدانِ ڪربلا جي ياد ۾ مرڪزي پڙ تان ماتمي جلوس برآمد

0
181

سڪرنڊ ( رپورٽ گل محمد ملاح)

ھر سال جيان هن سال به شهداءِ اعظم سيدنا امام حسين رضي الله تعالٰى عنه ۽ شهيدانِ ڪربلا جي ياد ۾ انجمن عزادارانِ ڪربلا ڪميٽيءَ جي اڳواڻي ۾ سيد ناٿن شاه بخاريءَ جي مرڪزي پڙ تان ماتمي جلوس برآمد ٿيو ، جنهن جي اڳواڻي انجمن عزاداران ڪربلا سڪرنڊ جو صدر ۽ قافلن جو پرمٽ هولڊر سيد احسان علي شاه ۽ شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان سڪرنڊ جو صدر سيد سبحان علي شاه ، حاجي پيربخش ڪيريو ڪري رهيا هئا ، مرڪزي جلوس ۾ سڪرنڊ جي مختلف پاڙن مان نڪتل ماتمي جلوس جن ۾ سيد احسان شاه امام بارگاه ، شيرواڻي ڪيريا امام بارگاه ، حيدري مسجد امام بارگاه ، ماڇي امام بارگاه ، چانڊيا ۽ ڪهيري امام بارگاه جي پڙن تان برآمد ٿيل جلوس شامل هئا . ان موقعي تي جهولا ۽ ذوالجناح زيارت لاءِ آندا ويا . ماتمي جلوس ۾ عزادار سينه زني ۽ زنجير زني ڪري امام حسين جي ناحق خون تي ماتم ڪري ڪري رهيا هئا . اسٽيشن روڊ سڪرنڊ تي مجلس منعقد ڪئي وئي ، جنهن کي خطاب ڪندي علامه سيد عباس شاه نقوي ۽ مولوي دلدار حسين پرهياڙ چيو ته امام عالي مقام سيدنا حضرت حسين رضي الله تعالٰى عنه ۽ ڪربلا جي شهيدن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي دين اسلام جي سربلنديءَ قائم ۽ دائم رکي ، هن شريڪ ٿيندڙن کي درس ڏيندي چيو ته حسينيت جي راه ئي فلاح ۽ ڪاميابي جي راه آهي . ماتمي جلوس محرابپور روڊ ، اسٽيشن روڊ ، جهنڊا گلي ۽ بخاري محله کان ٿيندو مرڪزي پڙ سيد ناٿن شاه بخاري تي پڄاڻيءَ تي پهتو . ماتمي جلوسن ۾ عزادارن ۽ مومنن لاءِ ننگر نياز ۽ سبيلن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here