ڏوڪري
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هٽايو، رائيس ريسرچ سينٽر بچايو، ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ خلاف ملازم شبير جتوئي، سرفراز جتوئي، احمد جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ 280 ايڪڙ جو ٻج سرڪاري کاتي ۾ جمع ڪرائڻ بدران خانگي ڪارخانن تي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ولي محمد بلوچ اداري ۾ ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ولي محمد بلوچ کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔