وارھہ ڀرسان ڳوٺ دري ماڇي ۾ قتل ڪيل ڳوٺاڻي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

0
199

مظفر قاضي

وارھہ : 15 ڏينهن اڳ وارھہ ڀرسان ڳوٺ دري ماڇي ۾ قتل ڪيل ڳوٺاڻي قربان سولنگي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي ڀاء نزير احمد سولنگي احتجاج ڪندي پوليس مٿان الزام هنيو ته حمل پوليس سندس ڀاء جي قتل ۾ هڪ جوابدار صدام سولنگي کي گرفتار ڪيو هيو باقي جوابدارن جا نالا کولرائڻ ويو ته حمل پوليس باقي جوابدارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي هن چيو ته جوابدار ڌر بااثر آھي پوليس ساڻن مليل آھي مخالف ڌر کان حياتي کي خطرو آھي حد جي حمل پوليس سهڪار نه پئي ڪري هن چيف جسٽس هاء ڪورٽ ، ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته ڀاء جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا ايف آء آر ۾ شامل ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here