سجاول جوڻيجو احساس ڪفالت پروگرام جي مقرر سينٽر تي مستحق عورتن جي وظيفي مان ناجائز پنج سئو روپيا ڪٽوتي

0
199

سجاول جوڻيجو : رپورٽر

سجاول جوڻيجو احساس ڪفالت پروگرام جي مقرر سينٽر تي مستحق عورتن جي 12 هزار وظيفي مان ڊوائيز مالڪن انتظاميا سان ڳٽ جوڙ ٿي ناجائز پنج سئو روپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي مستحق عورتن جي حقن تي ڌاڙو ھڻندڙن خلاف ڪنھن قسم جي ڪاروائي ناهي ڪئي انتظاميا خاموش بڻيل نوٽيس جي گھر۔

رپورٽ موجب سجاول جوڻيجو احساس ڪفالت پروگرام سينٽر تي عورتن جي آيل 12 هزار وظيفي مان ڊوائيز مالڪن طرفان مستحق عورتن کان ناجائز ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جنھن سبب غريب مستحق عورتن جي آيل وظيفي مان ڊوائيز مالڪن سردار ڀٽي عبدالغفار جلباڻي تنوير سومرو طرفان ناجائز فائدو حاصل ڪري رهيا آهن هوڏانهن سينٽر تي آيل مستحق عورتن صحافين کي ٻڌايو آهي تہ سينٽر مالڪن طرفان اسان کي هر ڪارڊ تي پنج سئو روپيا ناجائز ڪٽيا وڃن ٿا اسان انتظاميا کان گھر ڪيون ٿيون تہ معاملي جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ ڊوائيز مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين سزا ڏني وڃي هوڏانهن ذريعن موجب ڄاڻ ملي آهي تہ سينٽرن تي مقرر پوليس اهلڪارن ۽ روينيو آفيس جي عملدارن کي روز پنج سئو روپيا ڏنا وڃن ٿا جنھن سبب ڪرپٽ ڊوائيز مالڪن خلاف ڪنھن قسم جي ڪاروائي نٿي ٿي سگهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here