وڏي وزير پاران گهرن، روڊن رستن ۽ فصلن کي پھچندڙ نقصان جي سروي ڪرائڻ جو حڪم

0
141

اسٽاف رپورٽ
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۽ روينيو بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته انفرا اسٽرڪچر، گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهچڻ جو سروي ڪرايو وڃي ته جيئن روڊن جي جلد مرمت ڪرائي سگهجي ۽ تباهه ٿيندڙ گهرن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن ڪراچي ، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ ٻين ڪمن لاءِ 50 لک رپيا جاري ڪيا۔ هن اهو فيصلو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪراچي سميت سمورن ضلعن ۾ برسات پوڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو۔ اجلاس ۾ روينيو وارو وزير مخدوم محبوب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي سهيل راجپوت ۽ ڪراچي ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبي جي ٻين ڊويزنن جي ڊويزنل ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي۔

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تيز برسات پوڻ سان ڪراچي جي روڊن کي نقصان ٿيو آهي تنهنڪري برسات جي نئين اسپيل کانپوءِ ٻيهر مرمت جو ڪم شروع ڪرڻو پوندو. هن چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته پي ڊي ڪراچي پروجيڪٽ خالد مسرور کي فون ڪري کيس مرمت جو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ چوي. مون شهر جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڀُريل روڊن، نالن، گهٽين ۽ گٽرن جو سروي ڪرائين ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي گهربل ڪاٿو ۽ ان جي منظوري لاءِ مسودو پيش ڪري ته ڪم شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته شهر جي تقريبن سڀني وڏن شاهراهن کي صاف ڪيو ويو آهي پر ڊپٽي ڪمشنرن کي روڊن کي صاف ڪرائڻ لاءِ عملي ۽ مين پاور جي کوٽ منهن ڏئي رهيا آهن. هن ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ ٻين ڪمن جي لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي هر ھڪ ڊپٽي ڪمشنر کي 50 لک رپيا جاري ڪيا وڃن. هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڪمشنر ڪراچي سهيل راجپوت سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته محرم جي جلوس جو رستو صاف ٿي چڪو آهي پر ٽاور جي علائقي ۾ تمام گهڻو پاڻي ھن وقت بھ موجود آهي. وڏي وزير ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته اسپيشل ورڪرز ٽيمن کي لڳائي جلوس جي سڀني رستن کي صاف ڪيو وڃي۔

ھيٺائين علائقن ۾ پاڻي
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گجر نالو، ملير ندي ۽ سکن ندي جي ڪنارن سان گڏ روڊن، ڳوٺن ۽ ڀرپاسي جي علائقن کانسواءِ شهر جي تقريبن سڀني وڏن شاهراهن تان پاڻي کي ڪڍيو ويو آهي۔

ڊپٽي ڪمشنر ضلع اولھ ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ضلع اولهه ۾ 6 سب ڊويزن آهن جڏهن ته گلشن غازي، بلاڪ 6، مومن آباد، سرجاني، دل مراد محله، رحيم داد ڳوٺ، سنڌي پاڙو، بنگالي پاڙو، بسم الله ڪالوني، جمعه شاه ڳوٺ، ديھ هلڪاڻي زوڊو ڳوٺ ۽ جمعھ ڳوٺ کي نقصان پهتو آھي. ڊي سي ٻڌايو ته زوڊو ۽ جمعه ڳوٺن جي گھرن ۾ پاڻي اچي ويو آهي. وڏي وزير ڊي سي کي هدايت ڪئي ته نقصان جو سروي ڪرائي پي اينڊ ڊي ۽ سينيئر بورڊ آف روينيو آفيس ۾ جمع ڪرائي۔

ڊپٽي ڪمشنر ضلع سينٽرل ڪراچي
ڊي سي سينٽرل سهيل اوڍو سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس ضلعي جا رستا خراب ٿي چڪا آهن جن ۾ شير شاهه سوري روڊ کان گوليمار، شير شاهه نور جهان روڊ، شاھراھ پاڪستان کان وٺي ٽين ھٽي ويندي سهراب ڳوٺ، واٽر پمپ روڊ کان پيپلز چورنگي ۽ ميانوالي تائين. لنڪ روڊ، لڪي ون کان انڊا موڙ، ناگن چورنگي، ڪي ڊي اي چورنگي، ضياءُالدين چورنگي، سخي حسن چورنگي، 4 کے چورنگي، پاور هائوس چورنگي، ڪريم آباد چورنگي، لنڊي ڪوتل، نيو ڪراچي 7000/9000 نالا روڊ، الله والي، نالا اسٽاپ ۽ ٽن انڊر پاس جا روڊ لياقت آباد، ناظم آباد ۽ سب ڊويزن ۽ ٻيا پڻ تيز برسات سبب شهري ٻوڏ ڪري تباهه ٿي ويا آهن۔

ڊپٽي ڪمشنر ضلع ڏکڻ ڪراچي
ڊي سي سائوٿ اريش سوڍڙ سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ضلع ڏکڻ جي سڀني وڏن نالن جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو آھي تنھن ڪري ضلع ڏکڻ جي علائقن ۾ جمع ٿيندڙ پاڻي کي ڏکيائي سان منهن ڏنو ويو. هن چيو ته باٿ آئلينڊ، گلشن فيصل ۽ ڪلفٽن بلاڪ جي ڪجهه گهٽين وارن علائقن ۾ ٿورو پاڻي جمع ٿي ويو آهي ٻي صورت ۾ ضلعي جي مکيه شاهراهن تان پاڻي ڪڍيو ويو آھي. سنڌ جي وڏي وزير ڊي سي ڏکڻ کي هدايت ڪئي ته سمورن علائقن کي صاف ڪرائي تباهه ٿيل روڊن جي سروي ڪئي وڃي ۽ هڪ تفصيلي رپورٽ چيئرمين پي اينڊ ڊي کي پيش ڪئي وڃي۔

ڊپٽي ڪمشنر ضلع ڪورنگي ڪراچي
ڊي سي ڪورنگي شھريار سنڌ جي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏني ته ابراهيم حيدري روڊ تي هڪ ڪاليج جي نالن مٿان حددخليون آهن جتي ڪاليج انتظاميا ڪار پارڪنگ قائم ڪئي آهي. ٻي صورت ۾ ضلع ڪورنگي ۽ لانڍي کي صاف ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه گهٽين ۾ پاڻي جمع آھي جنهن کي صاف ڪيو پيو وڃي۔

ڊپٽي ڪمشنر ضع ملير ڪراچي
ڊي سي ملير گنھور لغاري چيو ته سندس ضلعي جي صنعتي علائقن سميت اهم روڊ صاف ٿي چڪا آهن پر نالن جي ويجھو ڪجھھ ڳوٺن ۾ پاڻي اچي ويو آھي. هن سنڌ جي وڏي وزير کي خاطري ڪرائيو ته هو ٽن ڏينهن اندر نالن، نقصان پھچندڙ رستن ۽ گهرن تي ٻڌل ھڪ اسٽيبلشمينٽ جي تفصيلي رپورٽ پي اينڊ ڊي کاتي کي موڪليندو. وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ملير ندي جي ڪنارن تي واقع ماروي ڳوٺ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي بحالي لاءِ هڪ تفصيلي منصوبو جوڙي ڪمشنر ڪراچي ذريعي پيش ڪيو۔

ڊپٽي ڪمشنر ضلع اوڀر ڪراچي
ڊي سي اوڀر وڏي وزير کي ٻڌايو ته ضلع اوڀر جا سمورا اهم رستا صاف ڪيا ويا آهن پر نيپا چورنگي تي گڏ ٿيل پاڻي کي نيڪال ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي سڀني رستن کي صاف ڪرڻ ۽ جلد آگاھ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سڀني رستن ۽ گهٽين کي متحرڪ ڪرڻو آھي۔

بجلي جو بريڪ ڊائون
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ بجلي ڊگهي عرصي کان بند آهي جنهن خلاف ماڻهن احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. ڪمشنر ٻڌايو ته شهر ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا 1900 فيڊرز آهن جن مان 1730 بحال ۽ 170 اڃا تائين بحال ٿيڻا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڊي ايڇ اي جي وڏن علائقن ۾ بجلي ناهي. ان موقعي تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اڪثر روڊن تي پاڻي موجود آھي ۽ ڪي اليڪٽرڪ انهن علائقن ۾ بجلي بحال نٿي ڪري جتي پاڻي بيٺل ھوندو آهي۔

ضلع ميرپور خاص
ڪمشنر ميرپور خاص چيو ته تيز برسات جي ڪري ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ 80 سيڪڙو فصلن کي نقصان پهچايو ويو آهي جيتري حد تائين ھيٺائين علائقن ۾ مينهن جو پاڻي جمع ٿيڻ جو تعلق آهي ته ڪچي کي ڇڏي سڀ علائقا صاف ڪيا ويا آھن. ڪمشنر چيو ته ايل بي او ڊي پنهنجي بهتر سگهه آھر بهتر ڪم ڪري رهيو آهي ان ۾ ڊيزائن 4900 ڪيوسڪ آهي جنهن جي خلاف وهڪرو 9000 ڪيوسڪ آهي ۽ خاص ڪري جھڏو ۽ نئوڪوٽ ۾ اوواسپيلنگ ڪري سگھي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ايل بي او ڊي جي نگراني ڪئي وڃي ۽ ان جي وهڪري کي يقيني بڻايو وڃي. هن روينيو وزير کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ميرپور خاص ڊويزن ۾ نقصان پھچندڙ فصلن جو سروي ڪرائي. ڪمشنر چيو ته سندس ڊويزن ۾ 200 جي ويجھو ڪچن ۽ پڪن گهرن کي نقصان پھتو آهي۔

شهيد بينظير آباد
ڪمشنر شهيد بينظير آباد چيو ته کپرو ۾ 320 ملي ميٽر برسات ٿي آهي جڏهن ته سانگهڙ مان 3 فوتگيون رپورٽ ٿيون آھن ۽ تيز مينهن جي ڪري 1700 گهرن کي نقصان پھتو آھي. هن چيو ته کپرو جي 76 ڳوٺن کي آفت وارا علائقا قرار ڏيڻ لاءِ هڪ درخواست موڪلي وئي آهي. هن چيو ته پاڻي ۽ گھريل علائقن ۾ وڏي انگ ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي جنھن جي نيڪالي ٿي رھي آھي۔

حيدرآباد
حيدرآباد جي ڪمشنر عباس بلوچ چيو ته هن جي ڊويزن ۾ طوفاني برسات دوران 14 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ٻي صورت ۾ مجموعي صورتحال تي ضابطو آندو ويو. هن چيو ته محرم جي جلوس جو رستو صاف ٿي چڪو آهي. سنڌو درياهه سان گڏ رهندڙ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿي وڃن. عباس بلوچ چيو ته ماڻهن پنهنجي فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ايم اين وي ڊرين ۾ سوراخ ڪيو جيڪو طوفاني برسات ۾ ويڪرو ٿي ويو هو ۽ بعد ۾ ڪي اين شاهه ۽ جوهي جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي. هن چيو ته ڀڃڪڙي ڪندڙن کي پلگ ڪيو ويو آهي. منڇر جي علائقي ۾ پڻ ڪجهه ڀڃڪڙي ٿي پر انهيءَ تي ٿوري وقت ۾ ضابطي آندو ويو۔

سکر
سکر جي ڪمشنر شفيق مهيسر چيو آهي ته هڪ ماڻهو آسماني بجلي وگھي فوت ٿي ويو ٻي صورت ۾ سندس ڊويزن ۾ هلڪي برسات هئي. ساڳي رپورٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو سليم کھڙو پڻ پيش ڪئي هئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here