بدين بچايو تحريڪ جي سڏ تي پيادل لانگ مارچ

0
148

سلطاني واھ سميت بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ دِڪن خلاف بدين بچايو تحريڪ جي سڏ تي پيادل لانگ مارچ

راڄوخاناڻي( سفير نظاماڻي ) بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڦليلي ڪئنال کي لڳل دڪن خلاف بدين بچايو تحريڪ جي سڏ تي آبادگارن پاران راڄوخاناڻي کان تلھار تائين پيرين پنڌ لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي۔ لانگ مارچ جي اڳواڻي مير نوراحمد ٽالپر، حنيف نظاماڻي، مير عاشق ٽالپر، محمد حسن جعفري، خاڪي جاني اسماعيل شيدي ڇوٽا ڪپتان مقيت نظاماڻي ۽ ٻيا اڳواڻي ڪري رھيا آھن۔

بدين بچايو تحريڪ جي سڏ تي ريلي ۾ آبادگارن کان علاوه قومي عوامي تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت، پي ٽي آءِ، شيعا علماءِ ڪائونسل، سنڌ ترقي پسند پارٽي الھبش شيدي جماعت ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻ ۽ سوين ڪارڪن شريڪ آھن۔ پيادل مارچ ۾ پاڻي ناھي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا ۽ دڪا ھٽايو، بدين بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا پيا وڃن، ريلي ۾ سعيد پور ۽ ٻين ڳوٺن جا ھنڌ ھنڌ مارچ ڪندڙن ڪو زبردست استقبال ، پيادل لانگ مارچ شام جو تلھار پھچندو جتي حيدرآباد بدين مين روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندوـ

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here