رپورٽ روشن علي مغيري
لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ ۾ تنظيم اصلاح الفقراه حسينيه نقشبنديه يونٽ لعلورائنڪ جي زير احتمام حافظ محمد ايوب جوڻيجو حسيني، حافظ صوفي صوبدار پتوجو ، سيد سجاد علي شاهه ۽ حافظ حفاظت الله ڪرمي جي اڳواڻي 12 ربيع الاول جي حوالي سان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي۔
ريلي ۾ سون جي تعداد ۾ مختلف ڳوٺن کان عاشقانه رسول شرڪت ڪئي. ريلي لعلورائنڪ شهر جو گشت ڪرڻ کان پوءِ لعلورائنڪ جي آس پاس جي ڳوٺن جو چڪر پڻ لڳايو ريلي ۾ عاشقانه رسول جا چهرا خوشي مان کلي اٿيا جنهن دوران عاشقانه رسول نعتن تي جهمريون هنيون ۽ ان دوران حافظ محمد ايوب حسيني چيو ته اسين عاشق رسول آهيون اسان لاءِ 12 ربيع الاول جو ڏينهن ڪنهن عيد کان گهٽ ناهي۔