ڏوڪريءَ ۾ چانورن جي تحقيقاتي اداري رائيس ريسرچ سينٽر جي سارنگيا يونين جي مرڪزي اڳواڻن جي ميڊيا سان ڳالھ ٻول

0
209

ڏوڪري: ڏوڪريءَ جي چانورن جي تحقيقاتي اداري رائيس ريسرچ سينٽر جي سارنگيا يونين جي مرڪزي اڳواڻن شبير جتوئي، سيد مدد علي شاھ، احمد علي جوڻيجو ۽ سرفراز جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو سارنگيا ھميشہ حق جو آواز بلند ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندي رھندي، ھنن چيو رائيس ريسرچ سينٽر ۾ نئين بدلي ٿي آيل ڊاريڪٽر ولي محمد بلوچ کي ويھ ڏينهن ٿيا آهن ۽ چارج سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن ئي جيڪي اداري اندر توڙي ڪالوني جا مسئلا آهن جن رائيس ريسرچ سينٽر جي ھارين کي فصل جي پوکائي لاءِ وقت سر پاڻي جو نہ ملڻ، ڀاڻ، ھر توڙي ٻيا مسئلا حل ڪيا ويا آهن۔

سيڪريٽري زراعت ڊاڪٽر عبدالڪريم سومري جي رائيس ريسرچ سينٽر جي وزٽ دوران بريفنگ دوران اداري جا جيڪي به مسئلا آهن جن ۾ ڪالوني کي بائونڊري وال جو نه ھجڻ، گئس، ڊرينيج، روڊ رستا، بنگلن جي مرمت سميت، اداري ۾ لوڪل ڪچا ملازم رکڻ، اي سي پلانٽ جو مڪمل ناڪاره ھجڻ بريفنگ ۾ اوليت جي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ لکت ۾ پڻ ڏنا ويا آهن۔ ھنن چيو ته اداري جي تاريخ ۾ ايماندار آفيسر ۾ موجوده ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ ھڪ آهي جيڪو اداري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي پر خبر ناهي ته غلط پروپيگنڊا ڪري ھڪ ايماندار آفيسر کي بدنام ڪري ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون ھلرائي ھڪ بھترين ڊائريڪٽر کي ھٽرائي ھڪ رشوت خور ڊائريڪٽ کي مقرر ڪرائڻ ٿا چاھن۔ ھنن چيو ته اسان نئين آيل ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ سان ھر وقت گڏ آهيون ڇو ته ھو اداري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ ٿو چاهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here