سيڪيورٽي ايجنسيون ماهيگيرن کي مڇي مارڻ دوران تنگ ڪري رهيون آهن، فشر فوڪ فورم

0
215

اسٽاف رپورٽ

ڪراچي: ڪراچي جي ماهيگيرن گهر ڪئي آهي ته سندن بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، کين آزادي سان مڇي مارڻ ڏني وڃي ۽ ڊيپ سي فشنگ ٽرالرن تي پابندي مڙهي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار ماهيگير اڳواڻن خميس ڏينهن بابا ٻيٽ تي منعقد ڪيل ”ماهيگيرڪنوينشن” ۾ ڪيو، جنهن ۾ هزارين ماهيگيرن شرڪت ڪئي۔ اهو ڪنوينشن پاڪستان بونافائيڊ فشرمين فورم ۽ پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران گڏيل طور تي منعقد ڪيو ويو، جنهن کي بونافائيڊ فشرمين اڳواڻ زاهد ڀٽي، پي ايف ايف جي چيئرمين محمد علي شاه، محمد حسين ۽ حاجي علي خطاب ڪيو۔

هنن چيو ته ماهيگير ڪراچي شهر جو بنياد رکندڙ آهن پر انهن کي پاليسي سازن پارن بالڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي، ان ڪري اهي انتهائي غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. انهن کي پاڻي، تعليم، صحت، بجلي، گئس، روڊ، روزگار سميت ٻيون ضروري سهولتون ميسر نه آهن۔ هنن چيو ته پاليسي جوڙيندڙن جي غلط رٿابندي ۽ متضاد پاليسين سبب ماهيگيرن جو روزگار متاثر ٿيو آهي جڏهن ته ڪجه وفاقي ۽ صوبائي سيڪيورٽي ايجنسيون ماهيگيرن کي مڇي مارڻ دوران تنگ ڪري رهيون آهن. ماهيگيرن کي سندن روزگار کان محروم ڪيو پيو وڃي جيئن اهي ڪنهن ٻئي ملڪ جا ماهيگير هجن، هنن چيو ته سمنڊ سندن روزگار جو ذريعو آهي ۽ اهي عالمي توڙي پاڪستاني قانون هيٺ آزادي سان بنا ڪنهن روڪٿام جي پنهنجو روزگار ڪرڻ جي گهر ڪن ٿا۔

پنهنجي مطالبن تي ٻڌل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪندي هنن چيو ته سيڪيورٽي جي نالي تي ماهيگيرن کي تنگ ڪرڻ بند ڪيو وڃي، ڊيپ سي ٽرالرن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. سامونڊي گدلاڻ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي، ان ڪري گهريلو ۽ صنعتي فاضل مادو سمنڊ ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي۔ هنن گهر ڪئي ته نقصانڪار ڄارن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي، تمر جي ٻيلن کي محفوظ ڪندي انهن جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي. ماهيگيرن مطالبو ڪيو ته انهن جي ٻارن کي پاڪستان نيوي، ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي، ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم، سنڌ فشريز کاتي ۽ ڪراچي فش هاربر اٿارٽي ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن۔

هنن چيو ته کاڌي پيتي جي شين جا اگه روز بروز وڌي رهيا آهن، پر مڇي ۽ جهينگي جا اگه 1982ع وارا ئي هلي رهيا آهن. خام مال مثال طور ڊيزل، راشن ۽ ڄارن وغيره جا اگه پڻ ڪيترائي ڀيرا وڌي ويا آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته مڇي ۽ جهينگي جي اگهن جو پڻ جائزو ورتو وڃي. چارٽر آف ڊمانڊ ۾ گهر ڪئي وئي ته پائدار ترقي جي لاءِ ماهيگيرن کي آسان قسطن تي قرض ڏنا وڃن. انهن کي هڪ مزدور سمجهيو وڃي ۽ کين سوشل سيڪيورٽي سميت مزدورن واريون ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. انهن کي عالمي معيار هيٺ سامونڊي خوراڪ جي پيڪنگ ۽ پروسيسنگ جي ٽريننگ پڻ ڏني وڃي۔

ماهيگيرن گهر ڪئي ته مڇي جي شڪار تي پابندي وارن مهينن جون ۽ جولاءِ دوران حڪومت هر هڪ ماهيگير کي 20 هزار رپيا ماهوار وضيفو ادا ڪري ۽ ماهيگيرن جي حياتي جو انشورنس ڪيو وڃي، سندن حقن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ فشريزجي پائدار پاليسي جاري ڪئي وڃي، هنن اعلان ڪيو ته سمورن ماهيگيرن کي متحد ڪري انهن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here