سوسائٽي جي اليڪشن کٽرائن لاءِ مخالف ووٽرن جا گهر ڊهرائي پٽ ڪيا ويا

0
268

ڪراچي: اينٽي انڪروچمينٽ جو ڪمال، سوسائٽي جي اليڪشن کٽرائن لاءِ مخالف ووٽرن جا گهر ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيا، آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ سوسائٽي ۾ ايڊوڪيٽ طفيل احمد جو گهر ڊاهيو ويو، اي ڊي سي ٽو يونس ڏاهري لينڊ گريبر رفعت زمان ڪياني ۽ خالد زمان ڪياني جي ڌر بڻجي ويو۔

اي ڊي سي ٽو يونس ڏاهري اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم گهرائي آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ سوسائٽي بلاڪ 8 ڪراچي ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏي، ايڊوڪيٽ طفيل احمد جو چوڻ آهي ته اسان جو گهر ليز ٿيل آهي، اي ڊي سي يونس ڏاهري وٽ ڪاغذ به جمع ٿيل آهن هائي ڪورٽ حڪم ڏنو ته سوسائٽي جي اليڪشن ڪرائي وڃي۔

لينڊ گريبر رفعت زمان ڪياني ووٽ وٺڻ جي چڪر ۾ مخالف ووٽرن جا گهر ڊهرائي ڇڏيا، ايڊوڪيٽ طفيل احمد جو چوڻ آهي ته اهڙي غير قانوني عمل خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندس، منهنجو گهر ڊاهڻ ۾ ملوث آفيسرن ۽ قبضا مافيا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here