ڪشمير يڪجهتي ريلي، قمبر شهدادڪوٽ ۾ به يوم احتصال 5 آگسٽ تي ملهايو ويو

0
297

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

ڀارت طرفان 72سالن کان مظلوم ڪشميرن مٿان جاري بربریت ۽ ظلم خلاف سڄي ملڪ پاڪستان جيان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ به يوم احتصال 5 آگسٽ تي ملهايو ويو ان سلسلي ۾ ڪشمير يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي اي ڊي سي ٽو عامر حسين پنهور، پ پ سٽي صدر لياقت علي گوپانگ، ميونسپل چيئرمين شعبان علي شيخ، اي ڊي او ايجوڪيشن بشير احمد چانڊيو پرنسپال گورنمينٽ شاھ عبداللطيف پٽائي ڊگري ڪاليج قمبر غلام فاروق سومرو پي ٽي آئي اڳواڻ سردار محمد علي ھڪڙو امان ﷲ چانڊيو سجاد علي چانڊيو اضعر علي چانڊيو بھرام علي چانڊيو، سوشل ورڪر آصف علي ابڙو، جي يو آئي آڳواڻ عذير گل جاگيراڻي اسڪول استادن شاگردن شهر جي سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن شهرين ۽ سرڪاري ادارن ريلي ڪڍي۔

ريلي شھر مختلف روڊن رستن کان ٿيندي شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب آڏو ڀارت جي ظلم خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جي ظلم جي انتها ٿي وئي آهي ڪشميري مسمانن مٿان هر روز ظلم جي نئي تاريخ لکي وڃي ٿي هنن اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرن مٿان ٿيندڙ ظلم بند ڪرايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here