ڏوڪري ۾ لاڪ ڊائون کان بعد ايس او پيز تحت اسڪول کوليا ويا تفصيل موجب پوري ملڪن ۾ ڪرونا وائرس وبا کان بچڻ لاءِ اسڪول بند ڪيا ويا هئا سنڌ حڪومت طرفان ڇهين مهينن کان بعد ڏوڪري تعلقي ۾ ايس او پيز تحت اسڪول کلي ويا آهن ان ڏس ۾ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ ڪورونا جي طويل لاڪ ڊائون کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي عمل ڪندي نائين ۽ ڏهين درجي جا ڪلاس شروع ڪيا ويا. استادن ۽ شاگردن سميت سموري عملي ايس او پيز تي سختيء سان عمل ڪندي فيس ماسڪ، سينيٽائيزر ۽ سماجي مفاصلي جي پابندي برقرار رکي. ان موقعي تي ھيڊماستر نثار احمد سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪندي ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن، شاگردن کي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ماسڪ پارائي سينيٽائيزر سان هٿ صاف ڪرائڻ کان بعد ڪلاسن ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني آهي۔