وارھ : قاضي مظفر
وارھ هڪ ڏينهن اڳ ميڊيڪل اسٽور تي حملو ڪري ٽائون ملازم کي زخمي ڪرڻ خلاف ٽائون ملازمن جو حفيظ ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو۔
وارھ هڪ ڏينهن اڳ شھر جي حمل پاڙي ۾ ميڊيڪل اسٽور تي حملو ڪري گوليون هڻي زخمي ڪيل نوجوان رميز شيخ تي حملو ڪندڙ جوابدر گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارھ ٽائون جي ملازمن پاران حفيظ ٻگهيو، شبير ماڇي، وحيد ٻگهيو، اڪبر تونيو خادم جج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي۔
نوجوان تي ٿيل حملي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شيخ برادري شھر جي انتهائي شريف ڪميونٽي آھي جيڪي شھر کي صاف سٿرو ڪري رهيا آھن زخمي ٿيل نوجوان وارھ ٽائون جو ملازم آھي جنهن تي حملو ظلم آھي هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حملي جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي ويندي۔