ڏوڪريءَ ۾ زراعت کاتي جي سيڪريٽري پاران رائيس ريسرچ سينٽر جو دورو

0
266

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ زراعت کاتي جي سيڪريٽري رائيس ريسرچ سينٽر جو دورو ڪيو آهي. ڏوڪري جي چانورن جي تحقيقاتي اداري رائيس ريسرچ سينٽر جي دوري دوران زراعت واري کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالرحيم سومرو کي اداري ڪيل تحقيق تي بريفنگ ڏني وئي. زراعت کاتي جي سيڪريٽري رائيس ريسرچ سينٽر جي زرعي زمينن جو پڻ دورو ڪيو ۽ پوکيل فصل بابت بريفنگ ورتي۔

ان موقعي تي سيڪريٽري عبدالرحيم سومري ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته کيس چيف سيڪريٽري طرفان منع ٿيل آهي. ٻئي طرف ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته رائيس ريسرچ سينٽر ۾ ڊائريڪٽر جي پوسٽ خالي هئڻ سبب ڪيترائي ڪم رڪيل هئا جيڪي هاڻي ڊائريڪٽر جي مقرري بعد ستت ئي مڪمل ڪيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رائيس ريسرچ سينٽر تان چوري ٿيل هيوي موٽرن جي واپسيءَ لاءِ ڪيس داخل ڪيل آهي، جنهن تي پوليس جي خبر ناهي ته ڇا پئي ٿي ڪري۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here