حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي: جلال محمود شاهه

0
74

وفاقي حڪومت پاران تيل اگهن ۾ واڌ جي اعلان تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي ڪنوينر ۽ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
تيل اگهن ۾ واڌ تي ردعمل ڏيندي جلال محمود شاهه چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي سٽيل عوام تي وڏو ظلم آهي، هي مهانگائي نه پر تباهي آهي، ڪرپٽ سرڪار پنهنجي ڪرپشن جو بار عوام تي وجھي رهي آهي.


جلال محمود شاھه چيو ته ڪرپٽ ٽولن ملڪ جي معيشت کي تباھه ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.


هن چيو ته آءِ ايم ايف جا آفٽر شاڪس عوام کي لڳڻ شروع ٿي چڪا آهن، حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهليءَ سبب ملڪي معيشيت تباهي جي ويجهو پھچي وئي آهي.


هن وڌيڪ چيو ته موجودا حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل ظالماڻو اضافو فوري واپس ورتو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here