وارھ شھر ۽ انجي مختلف ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ثقافتي ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

0
235

وارھ رپورٽ: مظفر قاضي

سڄي سنڌ جئيان وارھ شھر ۽ انجي مختلف ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ثقافتي ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو جنهن جي شروعات وارھ پريس ڪلب کان نظير ڇٽو، اياز چانڊيو، مظفر قاضي ، ذوالفقار چانڊيو ڪي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، پ پ پ جسقم، جساف آريسر جي اڳواڻن ڪامريڊ منان چانڊيو، علي اڪبر خاصخيلي، منظور خان چانڊيو، سرتاج احمد چانڊيو، غفار ميرجت، پنهل عباسي ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي ريلي ننڊڙن ٻارڙن سميت سمورا ننڍا وڏا قومي ثقافتي لباس ۾ قومي گيتن تي رقص ڪندا نعره هڻندا شھيد عوام فاضل راهو چوڪ تي پهتا جتي اڳواڻن سنڌ جي جبري ورهاست، ٻيٽن جي وڪري، مسنگ پرسن، سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سرير ۾ جيستائين ساه آهي سنڌ امڙ ڏانهن ميري اک کڻندڙ سان ويڙه ڪنداسين .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here