عوامي تحريڪ جي سڏ تي قمبر ۾ ڪراچي ڪميٽي، برسات متاثرن جي واهر نه ڪرڻ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو

0
227

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي قمبر ۾ ڪراچي ڪميٽي برسات متاثرن جي واهر نه ڪرڻ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي وحدت خلاف احتجاجي مظاهرو۔ سخت نعريبازي ڪندي شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب پهتا ان موقعي تي اڳوڻن مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ساجد مهيسر ايڊووڪيٽ، جوائنٽ سيڪريٽري ماه نور ملاح ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو عاطف ملاح حسن وڪي مھوش نواز نوناري رفيع لغاري حبيبان مھراڻ سنڌي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ تاريخي طور ان جا حقيقي وارث سنڌي آهن۔

هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ڪميٽي جي ڪابه حيثيت نه آهي سنڌ ڪراچي ڪميٽي کي چور ڪميثي سمجهي مڪمل طور رد ڪري ٿي. جيڪي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق جي حوالي ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن سي احمقن جي دنيا ۾ رهن ٿا. ڪراچي سنڌ جو ساھ آهي ۽ شاه بنا جيئڻ ناممڪن آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪيو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here