سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي 113 آفيسرن کي 19 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
284

اسٽاف رپورٽ
ڪراچي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ۾ صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ اهڙي منظوري ڏني وئي جيل کاتي جي محمد اسلم ملڪ ۽ محمد حسن صاحب کي سينيئر سپرينٽينڊنٽ گريڊ 19 ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي۔

قانون واري کاتي جي محمد يونس کي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي يونيورسٽي بورڊ جي خليل الرحمان ۽ ذولفقار جتوئي کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي۔

انفارميشن کاتي جي 7 آفيسرن محمد شبيه صديقي, محمد علي رياض, حزب الله ميمڻ، امتياز جويو، محمد ظفر خان، جھانگير ابڙو ۽ ذوالفقار شيخ کي ڊائريڪٽر 19 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي۔

صحت کاتي جي 9 ڊاڪٽرن کي سينيئر ڪارڊيو لاجسٽ گريڊ 19، 7 ڊاڪٽرن کي گائينوڪالاجسٽ گريڊ 19، 11 ڊاڪٽرن کي اوپٿومولوجسٽ گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي۔

پلاننگ کاتي جي 4 آفيسرن کي گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي، ورڪس کاتي جي 21 آفيسرن کي سپرينٽينڊگ انجينيئر سول گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي۔ جڏھن ته اوقاف کاتي جي 1، ليبر کاتي جي 1 ۽ پاپوليشن کاتي جي 2 آفيسرن کي پڻ گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي۔

اجلاس ۾ 14 سينيئر يومن ميڊيڪل آفيسرن کي گريڊ 19 جنھن ته 22 ڊاڪٽرن کي سينيئر ڊينٽل سرجن گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي۔ آبپاشي کاتي جي 9 آفيسرن کي گريڊ سپرينٽينڊگ انجينيئر سول گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي، پلاننگ کاتي جي 4 آفيسرن کي گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here