ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيو ملازمن جو ڪم ڪرڻ کان انڪار

0
238

ڏوڪري: ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيو ملازمن جو ڪم ڪرڻ کان انڪار شهر گندگي جي ور چڙهيل، ملازمن پاران هٿن ۾ ماني کڻي احتجاج، ڏوڪري ٽائون انتظاميا جي نا اهلي سبب ڏوڪري شهر جو ڊرينيج سسٽم ناڪارا بڻجي ويو، نالين جو گندو پاڻي روڊن رستن تي نڪري آيو شهر جا مختلف علائقا مدينه ڪالوني ٿهيم محلا غلام نبي شاھ ڪالوني کوکر محلا سميت ڪيترا ئي علائقا گندي پاڻي هيٺ اچي ويا۔

گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهڻ سبب شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري عمل خلاف شهرين پاران ٽائون انتظاميا خلاف دانهون، ان موقعي تي شهرين چيو ته صوبي اندر چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي وڃڻ باوجود ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جا عملدارن اگهور ننڍ ستل آهن شهر جي ڊرينيج جو نظام ڪيترن ئي مهينن کان مڪمل طرح سان ناڪارا بڻيل، جڏهن شهر جي ڏيرا چوڪ، عباسي چوڪ، حيدري چوڪ اسپتال چوڪ سميت شهر جي مختلف هنڌن تي گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي۔

لاڳاپيل انتظاميا گندي پاڻي جي نيڪالي واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا جنهن سبب اسان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون۔ اسان ڪيترائي ڀيرا کين شڪايتون پڻ ڪيون آهن پر ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي انتظاميا شڪايتن باوجود اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ لاءِ تيار ئي ناهي، شهرين سنڌ حڪومت ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي ڪرپٽ عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي گندگي مان جان ڇڏائي پريشانين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو۔

هوڏانهن جي ڊي اي سان لاڳاپيل ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لياقت علي سومرو ٻڌائيندي چيو تہ ٽائون آفيسر نہ هجڻ ڪري ملازمن جون پگهارون نہ ٿي سگهيون آهن جنهن جي ڪري ملازم صفائي جو ڪم ڇڏي ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري لوڪل کاتي کي ڪيترا ئي ڀيرا لکت ۾ ٽائون آفيسر مقرر ڪرڻ جو چيو آهي ۽ ڪيترا ئي ليٽر لکيا آهن پر سنڌ حڪومت تحصب رکندي اپوزيشن ۾ هئڻ ڪري ٽائون آفيسر کي ڄاڻي واڻي مقرر نہ ٿي ڪري جنهن سبب اهڙو بحران پيدا ٿيو آهي۔

ٽائون ڪاميٽي جي گل محمد ميراڻي، فياض سومرو. لطيف ڏيرو رضوان سولنگي، شهداد ميمڻ ۽ ٻين چيو تہ ٻن مهينن کان پگهارون ناهن مليون مٿان عيد اچي رهي آهي ان باوجود هن مهيني جي پگهار به ناهي ڏني وئي هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جو ٽائون آفيسر نہ هئڻ ڪري ملازمن جون پگهارون رڪجي ويون آهن جنهن سبب ملازمن کي سخت تڪيلف پھچي رهي آهي هن چيو تہ پگهارون نه ملڻ ڪري قلم ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي جيستائين پگهارون نه ملنديون ڪم نه ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here