عمرڪوٽ (اي بي آريسر): عمرڪوٽ جي علائقي ڍورونارو جي ڳوٺ ھيرل اسٽيشن جو رھواسي پرائمري استاد نبي بخش ڪنڀر گذريل 3 ٽن مھينن کان موٽرسائيڪل تان ڪرڻ سبب ڪرنگهي جي ھڏي جي مسئلي سبب بيماري جي بستري تي پيل آھي، پرائمري استاد نبي بخش ڪنڀر 5 ٻارن جو پيُ آھي بيماري سبب علاج نہ ٿيڻ ڪري زندگي جو ڪارونھوار آھستي آھستي ٺپ ٿي رھيو آھي، نبي بخش ڪنڀر جي ھڏي جي بيماري جو علاج آپريشن آھي جنھن تي ڊاڪٽرن مطابق 5 لک روپيا خرچ ٻڌايو ويو آھي ٽي آپريشن ڪيا ويندا جيڪي پئسا ھڪ پرائمري ماستر جي پھچ کان ڪافي مٿي آھن، ان حوالي سان متاثر پرائمري استاد نبي بخش ڪنڀر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ رمضان کان اڳ عمرڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳي جنھن ڪري ڪرنگهي جي ھڏي ۾ مسئلو ٿي پيو حيدرآباد جي بون ڪيئر اسپتال وارن ٽي آپريشن ڪري مسئلو حل ڪرڻ جو چيو آھي جنھن تي ڊاڪٽرن مطابق تقريبن 5 لک روپيا خرچ ٻڌايو آھي آئون مسڪين آھيان پگھار ۾ صرف گھر جو گاڏو ئي ھلائي سگھان ٿو معذروي سبب زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آھي ھن وس وارن کان علاج لاء مدد جي اپيل ڪئي آھي