تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي ڪرسي تان هٽايل ۽ مقرر ڪيل ٽي اي او ۾ ڇڪتاڻ

0
279

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي ڪرسي تان هٽايل ۽ مقرر ڪيل ٽي اي او ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ، ڇھ ڏينھن اڳ مقرر ڪيل ٽي او کي اڃا تائين چارج نه ملي سگهي، هٽايل ٽي او چارج ڇڏڻ کان انڪاري بڻيل ، ٻنهي آفيسرن آفيس کي پنهنجا پنهنجا تالا لڳائي ڇڏيا هئا، گذريل ڏينهن هٽايل ٽي اي او ٻئي تالا ٽوڙي ڪرسي تي ويهي رهيو ۽ آفيس کي پنهنجو تالو لڳائي ڇڏيو۔

آفيس جو ڪاروهنوار ٺپ، نئين مقرر ڪيل ٽي او پاران غير قانوني تالا هڻندڙ خلاف ڪارروائي لاءِ پوليس کي دانهن، ڊي ايس پي کي درخواست ڏني وئي تفصيل موجب ڏوڪري ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي ڪرسي تان هٽايل ۽ مقرر ڪيل ٽي اي او ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ان ڏس ۾ هٿ ڪيل معلومات موجب ڇھ ڏينھن اڳ ڏوڪري جي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر محمد عثمان کوکر کي هٽائي کيس باهو کوسو اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو۔

جڏهن ته سندس جاءِ تي سيد رياض حسين شاه کي ڏوڪري جو نئون تعلقي ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو تعليم کاتي جي اختيارين اھڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن ڇھ ڏينهن گذري وڃڻ باوجود تعليم کاتي جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ بڻجي ويو آهي نئين مقرر ڪيل ٽي او کي اڃا تائين چارج نه ملي سگهي آهي ، هٽايل ٽي او چارج ڇڏڻ کان مبينا طور انڪاري بڻيل آهي جنهن ڪري آفيسرن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي۔

ٻنهي ڄڻن آفيس کي پنهنجا پنهنجا تالا لڳائي ڇڏيا هئا، جڏهن ته ذريعن وٽان مليل معلومات موجب هٽايل تي اي او گذريل ڏينهن آفيس جا تالا ٽوڙي فيس کولي آفيس ۾ ويهي رهيو ۽ پنهنجو تالو لڳائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نئين مقرر ڪيل ٽي اي او پاران آفيس کي غير قانوني طور تالا هڻي بند ڪرڻ وارن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پوليس کي درخواست ڏني وئي آهي۔

ڊي ايس پي ڏوڪري مشتاق احمد قريشي ۽ ٻين کي درخواستون ڏنيون ويون آهن هوڏانهن نئين مقرر ٿيل آفيسر سيد رياض حسين شاه جو چوڻ آهي ته کيس سرڪار پاران تعلقي ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ تعليم کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ان جي باوجود 6 ڏينهن کان کيس چارج نه ٿي ڏني وڃي غير قانوني طور آفيس کي تالو هنيو ويو آهي جنهن جي اسان پوليس آفيسرن ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.هن وڌيڪ چيو ته خميس واري ڏينهن آفيس ايس ته هٽايل تي اي او محمد عثمان کوکر زبردستي آفيس جا تالا ٽوڙي منهنجي ڪرسي تي ويهي رهيو هو، جنهن جي شڪايت ڊي اي او ۽ ٻين ڏني آهي۔

هوڏانهن هٽايل تعلقه ايجوڪيشن آفيسر محمد عثمان کوکر جو چوڻ هو ته مون آفيس کي ڪوبه تالو نه هنيو آهي نه ئي آفيس ۾ ويٺو آهيان، الزام اجايا آهن. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اختر حسين ڪوريجو سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته موجوده ٽي اي او سيد رياض حسين شاھ آهي، محمد عثمان کوکر کي تعليم کاتي جي اختيارين هٽائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هٽايل ٽي اي او محمد عثمان کوکر غيرقانوني تالو توڙيو آهي۔

جنهن جي رپورٽ اعلي اختيارين کي ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيد رياض حسين شاھ کي تعليم کاتي جي اختيارين مقرر ڪيو آهي جنهن جا اختيار سيد رياض حسين شاھ وٽ آهن. هن چيو ته هٽايل ٽي اي او محمد عثمان کوکر سان ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي جلد تالو کولائي سيد رياض حسين شاھ کي چارج وٺي ڏيندي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here