عمرڪوٽ (رپورٽ:اي بي آريسر) عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي پٿورو ۽ سامارو جي مختلف علائقن ۾ مڪڙن جا ڪٽڪ پهچي ويا، ٿر ۾ تازو برساتن تي پوکيل فصل ۽ بئراجي علائقن ۾ مرچن، ڪپھ جي فصل سميت ڪک پن تباھ ٿيڻ جو خطرو، ٿر جي مارو ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ ، ضلعي انتظاميه کي اسپري شروع ڪرائڻ جو مطالبو. خبر موجب ضلعي عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ڇور، جالو جو چوئنرو، پرچي جي ويري، ڏوڏھار، موڪريار، ڪرشن جي ڍاڻي ڪنڌل، حويلي، بودر فارم ۽ ٻين ڪيترين ئي ڳوٺن ۾ ماڪڙن جا ڪٽڪ پُھچي ويا آھن جنھن ڪري غريب مسڪين ماروئڙن جو تازين برسات تي آباد ڪيل کيترن (زرعي زمين) تي پوکيو ويندڙ فصل تباھ ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آھي ۽ ماروئڙن جو ساھ مٺ ۾ آيل آھي. جڏھن ته بئراجي علاقن ۾ ڦٽي ۽ مرچن سميت ٻين فصلن ۽ گاهن کي پڻ خطرو. سنڌيار سان ڳالھائيندي ڳوٺاڻن غلام محمد نھڙيو ، چينو، وشنو، سائينداد ۽ ٻين چيو آھي ته مڪڙن اڳ ۾ به وڏي تباھي مچائي ھئي ھاڻ وري اچي ويا آھن جن مان فصلن کي نقصان جو خطرو آھي اسان تازو برسات ۾ گوار، ٻاجھر، ڪورڙ، مونگ سميت ٻين فصلن جا ٻج زمين ۾ ڇٽيا ھئا جن ۾ ڪافي ماڻھن ته قرض تي پئسه کڻي فصل آباد ڪيو آھي ھنن ضلعي انتظاميه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي مڪڙ مار مھم شروع ڪري مارو ماڻھن کي تباھي ۽ قرضي ٿيڻ کان بچايو وڃي.