قمبر: ڊپٽي ڪمشنر جي سربراھي ۾ 10 محروم الحرام ضلعي انتظامن جي حوالي سان مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سان ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس

0
134

قمبر: (رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر – ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ قمر رضا بلوچ جي سربراھي ۾ 10 محروم الحرام ضلعي انتظامن جي حوالي سان درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سان ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي جنھن ۾ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنا، ڊي ايس آر رينجرس قمبر عبدالرئوف، ڊي ايڇ او قمبر ڊاڪٽر اقبال جاگيراڻي،ستن ئي تعلقن جا اي سي صاحبان، ايڪس اي اين سيپڪو، انفارميشن، مختلف مڪتب فڪر جي علمائي ڪرامن سميت ضلعي جي سڀني ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ قمر رضا بلوچ چيو آهي ته محرم الحرام جي حوالي سان ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ سان گڏ سڪيورٽي انتظام بهتر ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ مذهبي هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سڳورن جو هميشه مثبت ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. ان موقعي تي ڊي سي صاحب تعلقه سطح تي مسئلن جي فوري حل لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته پنھنجن پنهنجن تعلقن ۾ محرم الحرام جي حوالي سان ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن ان کان علاوه تعلقن جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان پنھنجن پنھنجن تعلقن ۾ اجلاس ڪوٺائي ننڍن ننڍن پيش ايندڙ مسئلن کي محرم کان اڳ حل ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.

ڊي سي وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر عالمي وباء ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر شروع ٿي چڪي آهي جنهن لاءِ ضلعي اندر ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻآيو وڃي ۽ محرالحرام جي جلسن ۽ جلوسن دوران پڻ حڪومت طرفان جاري ايس او پيز جو خاص خيال رکيو وڃي. مجلسن ۾ ايندڙ سڀني عزادارن کي ڪرونا کان بچاءٌ جا ويڪسين لڳائي پوءِ داخلا ڏني وڃي. جڏهن ته صفائي سٿرائي جي حوالي سان پڻ ڪا به شڪايت نه ملڻ گھرجي ۽ محرم الحرام جي دوران شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ اهڙو اطلاع ضلعي انتظاميه، رينجرز يا پوليس کي فوري طور تي ڏنو وڃي.

اجلاس ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سڳورن پاران پنهنجا پنهنجا مسئلا پڻ پيش ڪيا ويا ڊي سي قمبر پرمٽ سميت سمورن جائز مسئلن جي فوري حل لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون . ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنا چيو ته اسان جا جوان هر وقت الرٽ آهن دشمن جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ان حوالي سان داخلي ۽ خارجي رستن تي سڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن ۽ ضلعي اندر امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي جي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته محرم الحرام دوران ضابطه اخلاق ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرايو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. ان موقعي تي رينجرز جي ڊي ايس آر عبدالرئوف چيو ته ضلعي اندر امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ اڳواٽ سنيپ چيڪنگ سميت سموريون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. خاص ڪري ضلعي سان ملندڙ بلوچستان جي بارڊر جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم ٿي ڪري ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي مختلف تعلقن مان آيل شيعا علمائن ڊي سي قمبر کي چيو 1 محرم الحرام کان 13 محروم الحرام تائين ڪا به لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ۽ صفائي سٿرائي سان گڏو گڏ ھر امام بارگاھ تي اسٽريٽ لائيٽن جي بندوبست کان علاوه سڪيورٽي لاءِ رينجرس، پوليس جي جوانن سان گڏ ليڊيز پوليس ۽ CC TV ڪئميرائون به نصب ڪيون وڃن ته جيئن ايندڙ ويندڙ ھر شخص تي ڪڙي نظر رکي سگھجي ڊي سي علمائي ڪرام کي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلڪل ايئن ئي ٿيندو، ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر ڊاڪٽر محمد اقبال جاگيراڻي چيو ته 10 محرم الحرام جي حوالي سان اسان جا انتظام اڳ ۾ ئي مڪمل آھن ، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو موڪليون به رد ڪيون ويون آهن، ايمبولينسون به ايمرجنسي جي صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آھن. ۽ ھر ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تي ميڊيڪل ڪيمپون به لڳائيون وينديون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here