سڪرنڊ ۾ عطائي عامل ۽ ڀوپا سرگرم ٿي ويا ڌاڳن، ڦِيڻن، تعويّذن ۽ ڪوڙي عمل ذريعي اٻوجھ ۽ اڻپڙھيل ماڻھن کي ڦرڻ لڳا

0
218
sakrand news

سڪرنڊ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

سڪرنڊ ۾ عطائي عامل ۽ ڀوپا سرگرم ٿي ويا . ڌاڳن ، ڦِيڻن ، تعويّذن ۽ ڪوڙي عمل ذريعي اٻوجھ ۽ اڻپڙھيل ماڻھن کي ڦرڻ لڳا ، ڪوڙا عامل نوجوان عورتن توڙي مردن کي جنن ، ڪاري جادو ۽ ٻين مختلف وهمن جو مريض ظاهر ڪري ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا۔

سڪرنڊ شھر جي محرابپور روڊ تي مسافر خاني واري گهٽيءَ ۾ مرحوم وارث فقير مڱڻهار جو شاگرد اعجاز مڱڻهار مسواڙي جڳه تي ويهي نوجوان مردن توڙي عورتن تي ڪوڙو علم پڙهي انهن کي ڦاسائڻ لڳو ۽ انهن جا ڦوٽو ساڙي ، ڌاڳا وٽي ۽ ڪاري علم کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي پڙھي ڏيڻ ۽ ٻين طريقن سان علاج ڪري ماڻھن کي لُٽي رهيو آهي . ايس ايس پي ضلعا شهيد بينظير آباد سڪرنڊ ايس ايڇ سميت اعليٰ اختيارن کي اپيل ٿي ڪجي ته اهڙي عطائي فقيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اٻوجھ ماڻھن کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي ۽ کين سزا ڏئي نوجوانن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪرايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here