ڪوٽڙي ( رپورٽ : محمد اظهر رند )
ضلعي ڄامشوري جو هيڊڪوارٽر جو درجو رکندڙ تعلقو آهي جتي ايشيا جي وڏي ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي هجڻ باجودهه ڊي سي آفيس اتان کان گذريندڙ مک روڊ رستن تي هر وقت گندي پاڻي جا تلاءُ جو ڏيک ڏي رهيا آهن ، جنهن جو سبب هتان جي واٽر ڊرينج سسٽم جو ناڪاراهه هجڻ آهي هن علائقي ۾ ڪيتري عرصي کان صفائي سٿرائيءَ جا انتظام آڻپورا هجڻ ڪري هي علائقو گندگيءَ جي ڪچرين ۾ تبديل ٿي ويو آهي ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان خدا جي بستي آبادي کي ڳنڊيندڙ رستا پاڻي ۾ ٻڏل آهن جتان شهري اچ وڃ ڪرڻ ۾ ڏکائين کي منهن ڏي رهيا آهن ، پر هتان جي ميونسپل ڪاميٽي سميت ضعلي انتظاميا صفائي ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ، جنهن جي ڪري شهري عذاب واري زندگيءَ گذرائڻ تي مجبور بڻيل آهن۔