قمبر: رپورٽ قاضي نياز حسين
قمبر حيسڪو ۾ پرائيويٽ سي اي او مقرر ڪرڻ خلاف ڊويزن سيپڪو ۾ ڊويزنل چيئرمين وزير علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي نا منظور نا منظور پرائيويٽ سي اي او نامنظور، هائيڊرو يونين زندھ آباد جا نعرا هنيا ان موقعي تي قمبر ڊويزنل چيئرمن وزير علي چانڊيو، ڊويزنل وائيس چيئرمن محمد ايوب بروهي، جوائينٽ سيڪريٽري گدا حسين جمالي سميت ٻين چيو ته حيسڪو ۾ پرائيويٽ سي اي او مقرر ڪيو ٿو وڃي جنهن اسين ڪڏهن به آفيس ۾ اچڻ نه ڏينداسين هنن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي قيادت سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين ۽اسان هر ڏکي وقت پنهنجي قيادت سان هميشه گڏ آهيون ۽ رهنداسين وڌيڪ اسان کي پنهنجي قيادت جيڪو به حڪم ڪيو ته لبيڪ لبيڪ ڪنداسين ۽ پرائيويٽ CEO کي ڪڏهن به حيسڪو آفيس ۾ ويهڻ نه ڏينداسين اسان جو مطالبو منظور نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو۔