قمبر: جسقم چيئرمين جي گهر مٿان رينجرس چڙهائي ۽ گرفتاري خلاف پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

0
132

قمبر: رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گهر مٿان رينجرس چڙهائي ۽ گرفتاري خلاف پلي ڪارڊ کڻي ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ريلي ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندي احتجاجي مظاهرو ڪري شھيد بينظير پٽو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويوان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ اياز ٻرڙو، شاهجهان ڪلهوڙو، جي ايم وڳڻ، سعيد چانڊيو، ممتاز شيخ، حسن چانڊيو، اخلاق سنڌي، مھتاب شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سامراجي قوتن سدائين سنڌين جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ کي اذيتن جو نشانو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي۔

سنڌ جي زمينن مٿان ڌارين جي قبضي ۽ بحريا ٽائون جي انتظاميا خلاف پوري سنڌ جو شعور احتجاجي تحريڪ ۾ شامل هو ته پ پ سرڪار ۽ سامراجي قوتن سندن آواز کي دٻائڻ لاءِ جسقم چيئرمين جي گهر مٿان چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جو بزدلاڻو عمل ڪيو آهي ۽ هزارين پرامن احتجاج ڪندڙ سنڌين کي گرفتار ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو طاقت جي زور تي سنڌين جي زمينن مٿان پنهنجون ناجائز قبضا قائم ڪرڻ چاهن پيا جيڪو ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو هنن مطالبو ڪيو ته جسقم چيئرمين کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here