ڏھ سال اڳ تعمير ٿيل مڊل اسڪول ۾ استاد ۽ عملو مقرر نه ٿيڻ سبب هڪ ڏينهن به ڪلاس ناهن هلي سگهيا

0
219

وڳــــــــــــڻ رپورٽر حســــــن علي مغيري

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي نئين ڳالهه نه آھي، جنهن جو ثبوت درسگاهن ۽ تدريسي عمل جي ابتڙ حالت آھي، وڳڻ ويجهو تاريخي ڳوٺ ٿرڙي هاشم ۾ مڊل اسڪول ته 10 سال اڳ تعمير ڪرايو ويو پر استاد ۽ عملو مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪلاس هڪ ڏينهن به ناهن هلي سگهيا۔

عمارت ٺھي ڏھه سال گذري ويا پر تعليم کاتي جا اعليٰ عملدار استاد ۽ عملو مقرر ڪرڻ وارو عمل وساري ويهي رهيا تاريخي ڳوٺ ٿرڙي هاشم جو مڊل اسڪول جنهن جي عمارت کي ٺهئي ته ڏھه سال گذري چڪا آھن پر تدريسي عمل شروع نه ٿي سگهيو آھي۔

ڳوٺ جي رهواسين ڪامران تنيو، سيٺ بخشل، برهان تنيو ۽ ٻين وي اين ايس سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مڊل اسڪول ۾ گهربل اسٽاف مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪلاسز شروع ناهن ٿي سگهيا، جنهنڪري اڪثر ٻار صرف 5 درجا پاس ڪري گهر ويهي رهن ٿا سنڌ سرڪار تعليم جي بهتريء لاء هرسال بجيٽ ۾ اربين رپيا رکي ٿي پر عملدارن جي نااهلي ۽ سستيء جي ڪري سرڪاري اسڪولن جي حالت سڌرڻ بدران ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي۔

لکين روپيا خرچ ڪري تعليم کاتي پاران مڊل اسڪول جي بلڊنگ ته تيار ڪئي آھي پر ان کي هن وقت تائين شروع ڪون ڪيو آھي ۽ اسڪول هلڻ کان پهريان ئي زبون حال بڻجي وئي ۽ ڪلاسن تي تالا لڳل آھن ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا 5 درجا پاس ڪري يان ته وڳڻ شھر طرف رخ ڪن ٿا ته ڪجھ ٻارڙا نصيرآباد وڃن پيا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لا۽ جيڪي غريبن جا ٻارڙا آھن اهئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ 5 درجا پاس ڪري مال چاريندي نظر ايندا آھن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here