سڪرنڊ (رپورٽ مشتاق سولنگي) سڪرنڊ لڳ ڳوٺ پراڻي دڌُ ۾ موجود بوائز پرائمري اسڪول سيمس ڪوڊ 417030414 اسڪول گذريل 32 سالن کانپوءِ وري ڪڏھن به مرمت نہ ٿي سگھيو آھي جنھن سبب روز ڇٿ جا چاپڙ ڪرڻ لڳا معصوم ٻارن جي زندگي پڻ داءُ تي لڳل آھي ان کان علاوه اسڪول جي چئو ديوار پڻ ڀُري ڪري پئي آھي۔
ڳوٺاڻن پاران مسلسل احتجاج ڪرڻ ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي لکت ۾ درخواستون ڪرڻ باوجود تعليم کاتي اسڪول تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو آھي ڳوٺاڻن پاران تڪ جي ايم پي اي کي دانھن ڏيڻ باوجود بہ اعلىٰ اختيارن ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت تعليم دوست سڏائيندڙ ڪو تحرڪ نہ ورتو آھي۔
ڳوٺاڻي امان الله انڙ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ڪافي دفعا تعليم کاتي جي آفيسرن سان مليا آھيون ليڪن اسڪول جي مرمت اڃان تائين نه ٿي سگھي آھي انتظاميا جي نااھلي سبب اسڪول جي حالت زبون ھئڻ ڪري معصوم ٻارڙن جو نقصان ٿي سگھي ٿو۔
ھن چيو ته سڪرنڊ تعلقي توڙي ضلعي اتنظاميہ سميت تعليم سان لاڳاپيل پنھنجو فرض سمجھي بوائز پرائمري اسڪول دڌُ جي نئين سر مرمت ڪري شاگردن جون زندگيون بچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن۔