مقتول جي وارثن پاران ڪشمور پوليس خلاف انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون

0
214
Kashmore

ڪشمور (رپورٽر پرويز علي کوکر )

ڪشمور پوليس پنهنجا قانون ٺاهي ڇڏيا قاتلن کي ڇوٽ پوليس پنهنجي مستين ۾ سولنگي برادري جو ناحق قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن کي ڪشمور پوليس اڃان ٽائين گرفتار ناهي ڪيو مقتول جي وارثن پاران ڪشمور پوليس خلاف انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ نامعلوم ھٿياربندن پسٽل جون گوليون هڻي 35 هن ورھين جي خاوند بخش سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي مقتول جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڪشمور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ان موقعي تي مظاهرين پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي مظاهرين جو چوڻ هو ته ايف آئي آر داخل ٿيڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي پوليس رشوت عيوض خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن مقتول نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here