پکو ڀرسان واقع قديمي لنگھ ڍنڍ تي مختلف قسمن جا ٻوٽا لڳايا ويا

0
529

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

وڳڻ ۾ خوشحالي بئنڪ قمبر برائنچ جي مينجر سرتاج احمد ميڻو طرفان پکو ڀرسان واقع قديمي لنگھ ڍنڍ تي مختلف قسمن جا ٻوٽا لڳايا ويا ٻوٽا لڳائڻ واري پروگرام ۾ عرفان جاگيراڻي، امتياز چنو، شعيب هڪڙو ۽ ٻين خوشحالي بينڪ جي ملازمن شرڪت ڪئي، لنگھ ڍنڍ جي ريسٽ ھائوس جي اڱڻ تي مختلف موسمي ٻوٽا ۽ گل نم، بيدمشڪ، ڪونا، رابيل، گلاب، سورج ۽ ٻيا ٻوٽا وڏي تعداد ۾ لڳايا ويا۔

ان موقعي تي خوشحالي بئنڪ قمبر برائنچ جي مينجر سرتاج احمد ميڻو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان جي ماحولياتي گدلاڻ ۽ پاڻي جي شديد قلت کي مد نظر رکندي لنگھ ڍنڍ ۾ وڻڪاري جي مھم جو آغاز ڪيو آھي ۽ ان بابت ماڻھن کي معلوماتي تفصيل پڻ ڏنا ويندا ڇو تہ وڻن جي ھجڻ سان ماحولياتي آلودگي گھٽ ٿيندي ۽ مينهن وڌيڪ پوندا آھن جنھن ڪري زير زمين پاڻيءَ جا ذخيرا وڌندا آھن ۽ زمين جي گرمي پد پڻ گھٽ رھندو آھي انسپيڪٽر شير محمد مغيري چيو ته اسان جي کاتي وائلڊ لائيف جو اھو پروگرام آھي ته ڌرتي تي وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائي ڌرتي کي سر سبز ڪيو وڃي جنھن سان نه صرف آلودگي ختم ٿيندي پر ماحول ۽ فضا به صاف سٿري رھندي گذريل ڪيترن عرصي کان وڻ ۽ ٻوٽا ڪٽجڻ ڪري ھر ساھ وارو آلودگيءّ جي ور چڙھي سخت تڪليف ڀوڳي رھيو آھي۔

ان آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءّ علائقي ۾ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳايا ويندا لنگھ ڍنڍ تہ آيل ٽيم وائلڊ لائف کاتي جي ٽيم جنهن م انچارج شير محمد مغيري ۽ ٻئن جي ساراھ ڪندي چيو جڏھن اسان لنگھ ڍنڍ تہ پهتاس تہ اسان کي لنگھ ڍنڍ جي حوالي سان تمام گهڻي بريفنگ ڏني لنگھ ڍنڍ جيڪا سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪري پيو هئي لنگھ ڍنڍ تمام قديمي آھي ۽ اسان هتي اچي ڪري تمام سٺو محسوس ڪيو ۽ اسان کي خوشي ٿي رهي آھي تہ اسان جي هن ثقافت کي وائلڊ لائف کاتي وارا هن وقت تائين سنڀاليندا اچن پيا حڪومت کي گهرجي تہ هن ثقافت کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لا۽ ڪوشش ڪن هن لنگھ ڍنڍ تہ پري پري مان ماڻھو اچن پيا ۽ انهن کي بهي خوشي ٿيندي آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here