ڏوڪري ۾ ملاح، ميربحر ۽ ميراڻي برادري جي ماڻهن جو بئراج ۽ ناري جي مٺي پاڻي مڇي جا ٺيڪا ٻين ذاتين کي ڏيڻ شهيمر ميراڻي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي مختلف ڳوٺن جي ملاح، ميربحر ۽ ميراڻي جي ماڻهن ٻين ذاتين کي بئراجن ۽ نارن تي مڇي جا ٺيڪا ٻين ذاتين جي ماڻهن کي ڏيڻ ۽ شهيمر ميراڻي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪرڻ تي ڏوڪري ۾ ملاح برادري جي اڳواڻن شهمير علي ميراڻي، غلام ياسين ميراڻي، منظور ميراڻي، عبدالستار ميراڻي، مٺل ميراڻي، مظهر ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي واهن، نارن تي ٻين ذاتين جا ماڻهو قبضا ڪري رهيا آهن۔
هنن چيو ته ڪجھ ماڻهو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 80 سڪيڙو ملاح برادري انهن سان گڏ آهي ۽ ملاح برادري سان محبت ڪريان ٿو اسان انهن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ملاح برادري توهان سان محبت نه ٿي ڪري نه ئي توهان سان گڏ آهي۔ هنن چيو ته بااثرن ڪوڙا لائنس ۽ ڪاغذ ٺهرائي اسان جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي۔ هنن چيو ته شهمير ميراڻي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪري ان جي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔
هنن چيو ته ملاح برادري شهيمر ميراڻي سان هر موڙ تي گڏ آهي. اسان قبضاگيرن کي صلاح ڏيون ٿا ته اسان جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪري ملاح برادري کي پنه جا حقن ڏنا وڃن. هنن چيو ته نارن، واهن تي قبضا ڪري ملاح برادري کي فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي۔ هنن چيو ته ٻيلي کاتي جي انتظاميا پنهنجي ملڪيتن تي مالڪي ڪئي ته بااثرن کان ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا، ملاح برادري کي به گهرجي ته پنهنجي حقن لاءِ هڪ ٿئي آواز اٿاري ته جئين پنه جا حقن وٺي سگهيون۔
هنن وزير اعلي سنڌ، لائيو اسٽاڪ فشريز کاتو سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪندي چيو ته ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ مڇي جي ٺيڪن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي، مڇي جي ٺيڪن جا سنڌ گورنمينٽ پاران رکندڙن لائنس وارن ماڻهن ملاح، ميربحر ۽ ميراڻين کي ڏنا وڃن ۽ قبضي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔