پنھوارو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف هارين ۽ آبادگارن جو جناح باغ روڊ تي احتجاجي مظاهرو

0
261

قمبر (رپورٽ قاضي نياز حسين) پنھوارو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي هارين ۽ آبادگارن جو جناح باغ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ۽ سخت نعريبازي۔ ان موقعي تي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، جمال الدين چانڊيو، قربان پرڏيهي، گلشير ٻرڙو، عجب ٽوٽائي سميت ٻين چيو تہ گذريل ٽن سالن کان آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب ڇوڙي شاخ ۾ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري پڇڙي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سان لکين خاندان بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي ويا آهن۔

هنن چيو تہ سنڌو سميت مختلف بئراجن شاخن ۾ لاتعداد پاڻي موجود آهي پر رشوت نہ ڏيڻ ڪري ايريگيشن عملدار ڇوڙي شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري ڇڏي آهي۔ جيڪڏهن هن ڀيري بہ زرعي پاڻي وقت سر نہ ڏنو ويو تہ ڇوڙي شاخ جا هاري ۽ آبادگار ساريالي فصل جي پوکائي کان محروم بڻجي فاقہ ڪشي جو شڪار بڻجي ويندا۔ احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت، آبپاشي جي وزير ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي تہ پنھوارو شاخ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪري هارين ۽ آبادگارن کي معاشي بحران کان بچايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here