ڏوڪري ۾ جوڻيجا برادي جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، جهيڙي ۾ ڳولي لڳڻ سبب 17 ورهين جو نينگر زخمي ٿي پيو ڏوڪري ۾ رائيس ريسرچ ڪالوني ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو آهي جهيڙي ۾ 17 ورهين جو نينگر صحبت علي جوڻيجو ڳولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي، زخمي اسپتال آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو آهي. هوڏانهن زخمي نينگر صحبت علي جوڻيجو جي پي اڪبر جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الياس جوڻيجو پنهنجي پٽن ۽ وقار خاصخيلي سان گڏجي منهنجي پٽن مٿان حملو ڪري ڳولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته بي گناھ منهنجي پٽ صحبت جوڻيجو مٿان حملو ڪري پستول جي ڳولي هڻي زخمي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڏوڪري ايس ايڇ او حضور بخش جوڻيجو ميڊيا کي ٻڌايو ته جهيڙي جو سبب معلوم ناهي ٿيو معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زخمي نينگر جي پي اڪبر جوڻيجو جي فرياد تي جوابدارن مٿان واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن ڏوڪري پوليس الياس جوڻيجو ۽ سندس جي پٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔