قمبر جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ڀرسان زرعي زمين تي مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز

0
232

رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ڀرسان زرعي زمين تي مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز جنهن سبب ڪنهن بہ وقت ڌرين کي جاني نقصان ٿيڻ خطرو، امداد علي مگسي، اعجاز علي مگسي، فياض حسين مگسي، فدا حسين مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بااثرن ۽ سٽي پوليس خلاف احتجاج تفصيل موجب قمبر جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڀرسان 13 ايڪڙ زرعي زمين تي مگسي برادري جي ٻن ڌرين جو مالڪي ڪرڻ جي دعوا جنهن سبب ڪنهن بہ وقت خونريزي ٿي سگهي ٿي، پوليس اهلڪار امداد علي مگسي، اعجاز علي مگسي، فدا حسين مگسي، فياض حسين مگسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان 1989 ع ۾ زمين خريد ڪئي جنهن جو رڪارڊ پڻ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسين سول ڪورٽ، سيشن ڪورٽ مان هلندڙ ڪيس کٽيا آهن ۽ هن وقت اسان پنهنجي زمين تي ويٺل آهيون ۽ ٻي ڌر رٽائر انجنيئر امداد علي مگسي اسان جي زمين تي طاقت جي زور تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو مختلفه وقتن تي اسان کي موتمار ڌمڪيون ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو چئي اسان کي پريشان ڪري رهيو آهي، هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي تہ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انجنيئر امداد مگسي ۽ ان جا پٽ طاقتور آهن ۽ هو ڪنهن بہ وقت اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي يا مارائي اسان جي زمين تي قبضو ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here