وڳـــــــــــڻ رپـــورٽر حسن علـــي مغيري
وڳڻ ۾ مرحوم حاجي عبدالله ٻگهيو جي ياد ۾ وڳڻ شهر جي سماجي اڳواڻ عبدالستار ٻگهيو طرفان والي بال راند جي ٽورنامينٽ ڪرائي وئي جنھن ۾ ضلعي دادو ۽ وڳڻ شهر جي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، مقابلي بعد دادو ضلعي جي ٽيم ٽورنامينٽ کٽي ٽرافي پنهنجي ناء ڪري ورتي۔
آخر ۾ کٽندڙ کلاڙين کي سياسي سماجي اڳواڻن نثار احمد پيچوهو سائين عبدالغفار پٺاڻ عامر علي ٻگهيو ۽ ٻين انعام طور ٽرافيون ۽ روڪ رقم پڻ ڏنا جڏھن ته وڏي انگ ۾ آس پاس توڙي پري پري کان آيل ماڻھن والي بال جي ٽورنامينٽ ڏٺي۔
ان موقعي تي وي اين ايس سان ڳالھائيندي وڳڻ شهر جي سماجي اڳواڻ عبالستار ٻگهيو جو چوڻ هيو ته ڳوٺاڻن نوجوانن ۾ تمام گھڻو ٽيلينٽ آھي اسان جا نوجوان تعليم سان گڏ صحت مند سرگرمين راندين جي ميدانن ۾ به اڳتي آھن سندن حوصلا افزائي ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آھي۔