انگلينڊ ۾ وڏي وقت کانپوءِ هوٽل، بار ۽ ريسٽورنٽ کُلي ويا

0
231

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب انگلينڊ ۾ ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين لاڳو پابندين کانپوءِ اڄ هوٽل، بار ۽ ريسٽورنٽ ٻيهر کلي ويا آهن. سماجي وٿي ۽ ٻين حفاظتي ضابطن تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ برطانوي حڪومت قانونن کي وڌيڪ سولو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت گراهڪن کي پارڪنگ ۾ به کاڌي پيتي سميت ٻيون شيون فراهم ڪيون وينديون. هوڏانهن اسڪاٽ لينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ ۾ اڃا تائين زندگي معمول تي ناهي اچي سگهي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون برطانيا ۾ ٿيون، جتي فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 44 هزارن کان وڌيڪ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here