ڏوڪريءَ ۾ کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجو ۽ مرتضي جوڻيجو جي وارثن علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج

0
200

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجو ۽ مرتضي جوڻيجو جي وارثن علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو آهي. ٽائون ڪميٽي هال اڳيان شاهد جوڻيجو جي زال شبانا، ڀيڻ ممتاز ،پٽ علي شير ۽ ڀاءُ ساجد جوڻيجو جڏهن ته مرتضي جوڻيجو جي ماءُ شهزادي خاتون ۽ ڌيءُ باشڻ خاتون ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٽي سال اڳ شاهد جوڻيجو ۽ مرتضي جوڻيجو کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جن جو هن وقت تائين ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن سبب ٻنهي ڄڻن جا گهر ڀاتي ڏک ۽ ڳڻتي واري زندگي گذاري رهيا آهن. هنن چيو ته شاھد ۽ مرتضي مهذب ۽ شريف شهرين جيان محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي سندن کنڀجي وڃڻ کانپوءِ سندن ٻچن جون عيدون به ماتم ۾ ٿيون گذرن. احتجاج تي ويٺل شاهد جوڻيجو ۽ مرتضي جوڻيجو جي وارثن وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، انساني حقن جي ادارن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته شاهد جوڻيجو ۽ مرتضي جي بازيابي لاءِ ڪردار ادا ڪري سندن خاندانن کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here