ڏوڪري ۾ ڪشمير جي ڏهاڙي جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي. تحريڪ انصاف جي تعلقي صدر منور علي جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار نوناري، آغا جلباڻي، ديدار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف جي آفيس کان پريس ڪلب تائين موٽر سائيڪل تي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي حصو رهندو، انڊيا جو ڪشميرين مٿان سالن کان ظلم جاري آهي پر عالمي ادارا خاموش آهن ڪيتري عرصي کان ڪرفيو آهي ماڻهو تڙپي تڙپي رهيا آهن پر عالمي ادارا خاموش آهن. هنن چيو ته پاڪستاني عوام هر فورم تي ڀارتي ظلمن جي خلاف آواز اٿاريندي، هنن چيو ته ڪشميري ڀائر پاڪستاني آهن ۽ ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي. ڪشميري ڀائرن جي جرئت، بهادري ۽ قرباني، تاريخ جو روشن باب آهي