ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ نينگري سان ڏاڍائي ڪندڙ 2 سڳن ڀائرن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

0
243

ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ ڏاڍائي ڪندڙ 2 سڳا ڀائرن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جوابدار با اثر جي بنگلن ۾ ترسيل، نينگري جي زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جماعت اهلسنت پاران احتجاج چتاءُ تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ 14 ڏينهن اڳ 2 ڀائر جوابدارن جاني کوکر ۽ جميل کوکر پاران 10 سالن جي نينگري ڪونج کوکر کي زيادتي جو نشانو بڻائي رتورت ڪيو ويو هو۔

ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن جماعت اصلاح الفقراءِ نقشبندي جي تعلقي صدر حافظ شوڪت علي جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ ناري سان بدفعلي ڪندڙ ٻئي ڀائر آزاد گمهي رهيا پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران انهن کي تحفظ ڏئي رهي آهي۔ هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته بنا دير جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here