قمبر: ڪربلا جي شھيدن جو ڏھاڙو يوم عاشور نھايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو

0
144

قمبر :(رپورٽ قاضي نياز حسين )

قمبر- پوري ملڪ جيان ضلعي قمبر ۾ به ڪربلا جي شھيدن جو ڏھاڙو يوم عاشور نھايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو يوم عاشور جي موقعي تي شھر جي مختلف علائقن کان 40 ماتمي جلوس بر آمد ڪيا ويا جيڪو ھڪ وڏي جلوس جي صورت اختيار ڪئي وئي، ماتمي جلوسن جي قيادت سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد ذوھيب شاهه، مرڪزي امام بارگاهه حر حسيني سيد مجاھد شاهه، سيد اخلاق شاهه بخاري ڪري رھيا ھئا ماتمي جلوس ۾ يا حسين جي صدائن سان پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهن  جيڪي شھر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي ڀٽو چونڪ تي پھچندا جڏهن ته ماتمي جلوس ۾ شامل ھزارين عزادار سينازني ڪري چاقن ـ ڇرين ۽ زنجيرن سان ماتم ڪري ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪري رھيا آهن  . جڏهن ته ماتمي جلوسن جي نگراني ۽ ڪنهن به اڻوڻدڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا پوليس اهلڪارن ۽ رينجرس جي جوانن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھو جي تلاشي وٺڻ بعد کين شھر اندر داخل ٿيڻ ڏنو پيو وڃي جڏهن ته مرڪزي ماتمي جلوس مختلف روايتي رستن کان ٿيندي شام پنهنجي پنهنجي منزل تي پھچي جيڪو شام غريبان ۾ احتتام پذير ٿيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here