مولا علي عليہ السلام جن جي شهادت جي ڏهاڙي تي عزاداري، مجلس عزا منعقد

0
209
dokri juloos

ڏوڪري: هائي علي مولا هائي علي مولا ڏوڪري ۾ مولا علي عليہ السلام جن جي شهادت جي ڏهاڙي تي عزاداري، مجلس عزا منعقد ڪئي وئي. تفصيل موجب ڏوڪري ۾ مولا علي عليہ السلام جن جي شهادت جي ڏهاڙي تي الحسيني مرڪزي امام بارگاھ ڏوڪري مان ماتمي جلوس برآمد ڪيو، ماتمي جلوس شهر جي مختلف بازارون کان ٿيندو حيدر چوڪ تي پهتو. جڏهن ته ماتمي جلوس ۾ عزادار ايس او پيز تي عمل ڪندي 2 فٽن جو مفاصلو ڪيو ويو ۽ عزادارا مٿان سينيٽائيزر جو اسپري پڻ ڪيو ويو جتي مجلس عزا کي علامہ رياض حسين نجفي، مولانا غلام علي عاملي خطاب ڪندي چيو ته ابن معلجم 19 رمضان جي ڏينهن تي مولا علي عليہ السلام جن کي زخمي ڪيو

هنن چيو ته مولا علي عليہ السلام 21 رمضان جي ڏينهن تي شهيد ٿي ويا. هنن چيو ته مولا علي عليہ السلام مولا حسن مجتبي عليہ السلام جن کي فرمايو ته 19 روزو بيبي ام ڪلثوم سلام ﷲ علهيا جن جي گهر رکندس ۽ 19رمضان تي مولا علي عليہ السلام آسمان ڏانهن نهاريو. هنن چيو ته 19 روزي تي مولا علي عليہ السلام فجر جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ گهر کان مسجد طرف وڃي رهيا هئا گهر جا پکي مولا علي عليہ السلام جي قدم ۾ ويهي رهيا. مولا علي عليہ السلام فجر جي آذان ڏيڻ کان بعد نماز ادا ڪري رهيا هئا ته ابن معلجم مولا علي عليہ السلام مٿان وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ۽ 21 رمضان تي مولا علي عليہ السلام شهيد ٿي ويو. مجلس عزا کان بعد عزادارن زنجير زني، چاقن سان عزاداري ڪري آل محمد ﷺ جن کي پرسو ڏنو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here