لاڪ ڊائون جتي سموري ملڪ جي معيشت ۽ ڪاروبار کي نقصان ڏنو آهي اتي مزدور ۽ پورهيت طبقو پڻ سخت متاثر ٿيو آهي

0
181

سڪرنڊ ( رپورٽ مشتاق سولنگي )
ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون جتي سموري ملڪ جي معيشت ۽ ڪاروبارن کي نقصان ڏنو آهي اتي مزدور ۽ پورهيت طبقو پڻ سخت متاثر ٿيو آهي ان حوالي سان سڪرنڊ جي درزين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ طرف لاڪ ڊائون سبب دڪان بند ڪرايا وڃن ٿا ۽ ٻيو پاسي لوڊشيڊنگ جو آزار آهي جنهنڪري ڪاروبار کي تمام وڏو ڌڪ لڳو آهي . هنن چيو ته سال جي ٻين مهينن ۾ ڪم تمام گهٽ ملندو آهي پر هن مڀارڪ مهيني ۾ سٺو ڪاروبار ٿئي ٿو پر اهو به نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي . هنن وڌيڪ چيو ته دڪانن جون مسواڙون ، بجليءَ جا بل ادا ڪرڻ لاءِ به پريشان آهيون ، هنن چيو ته عيد الفطر ۾ باقي ٿورا ڏينهن رهيا آهن انهن ڏينهن ۾ اسان کي رعايت ڏني وڃي ته جيئن ايس او پي تي عمل ڪندي پنهنجي ٻڇن جي روزي ڪمائي سگهون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here