عمران خان طرفان آصف زرداري خلاف بيان تي وزيراعظم جو ردعمل سامهون اچي ويو

0
77

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف بيان تي وزيراعظم شهباز شريف ميدان ۾ اچي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته آصف علي زرداري خلاف عمران نيازي جا بي بنياد ۽ خطرناڪ الزام غير ذميواراڻا آهن، سندس بيان سياسي مخالفن خلاف زهر اوڳاڇڻ لاءِ سازشي ٿيوري جي نموني موجب آهن.
هن چيو ته اهڙي ڪريل بيان بازي سياسي طور تي لاڳاپيل رهڻ جي ڪوشش آهي، سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته هن اقتدار خاطر معاشري کي ورهائڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي نفرت جي سياست جو سهارو ورتو.


ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ عمران خان جي بيان تي چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين ڪوڙو الزام مڙهي منهنجي ڪٽنب جي حياتي خطري ۾ وڌي آهي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي يا مون تي حملو ٿيو ته ان جو حساب ورتو ويندو.


ياد رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان الزام هنيو هو ته مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ هاڻ پلان سي جوڙيو ويو آهي، جنهن لاءِ آصف زرداري دهشتگرد تنظيمن کي پئسا ڏنا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here