وڳڻ رپورٽ: حسن علي مغيري
وڳڻ شھر جي صالح پور محلا ۾ جوا۽ جي ٽيڪري تي ون فائيو پوليس جي انچارج ڪليم الله کھڙو ۽ ڊي آ۽ بي پوليس قمبر جي انچارج هريش ڪمار اوڏ جي سربراھي ۾ پوليس نفري ساڻ ڪري ڇاپو هيو، جنهن ۾ جوا۽ کيڏندڙ 18 جوارين کي تاس جي پتن سميت گرفتار ڪري ورتو، روڪ رقم پڻ برآمد۔ ون فائيو ضلعي قمبر جي انچارج ڪليم الله کھڙو صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو تہ اسان کي اطلاع مليو ته وڳڻ شھر جي صالح پور محلا ۾ لکين روپين جي جوا۽ کيڏي ويندي آھي جنهن تہ پهنجي ٽيم سميت اسان وڳڻ شھر پھچي صالح پور محلا م هڪ جڳھ تي ڇاپو هيو جتي 18 ڄڻا جوا۽ کيڏي رهيا ھئا ۽ انهن جوارين کي جوا۽ کيڏندي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي۔