ڪورونا وائرس صورتحال: سنڌ ۾ وڌيڪ 18 مريض فوت، 1100 ٻيا ڪيس رپورٽ

0
168

ڪراچي (29 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته فوتين جو ٽوٽل انگ وڌندي 3520 تائين پهچي ويو آهي ۽ 13092 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنهن مان 1100 نوان ڪيس ظاهر ٿيا۔ اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ انگ 3520 تائين پهچي ويو آهي جيڪا فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي۔

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 13092 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 1100 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 8.4 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2334330 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 213193 ڪيس پڌرا ٿي چڪي آهن جن مان 90 سيڪڙو يعني 191150 (مريض) صحتياب ٿيا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2799 مريض پڻ شامل آهن۔ مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 18523 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي جن مان 17775 گهرن ۾، 16 آئسوليشن سينٽرن ۽ 732 مختلف اسپتالن ۾ آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته 653 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 79 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي، بيان موجب 1100 نون ڪيسن مان 925 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 452، ضلع ڏکڻ 251، ضلع ڪورنگي 103، ضلع سينٽرل 66، ضلع اولهه 31 ۽ ضلع ملير 22 شامل آهن. حيدرآباد 53، جيڪب آباد 12، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ 11-11، مٽياري 9، گهوٽڪي 8، ٺٽو 7، ٽنڊوالهيار 5، ٽنڊو محمد خان 4، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ 3-3، لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز 2-2، دادو، خيرپور، شهيد بينظير آباد، شڪارپور ۽ سجاول ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here