لکين رپين جي ماهوار بجيٽ هجڻ باوجود وارھ تعلقه سول اسپتال رات جي وقت اونداهي ۾ تبديل

0
147

وارھ : لکين رپين جي ماهوار بجيٽ هجڻ باوجود وارھ تعلقه سول اسپتال رات جي وقت اونداهي ۾ تبديل، اونداهي سبب رات جي وقت ايندڙ مريضن کي موبائيل فون جي لائيٽ ٻاهري انجيڪشن لڳائي چيڪ به ڪيو پيو وڃي، اسپتال ۾ روشني جو بندوبست نه هجڻ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا ٽاراما سينٽر لاءِ آيل لکين روپين جو جنريٽر غائب، شھرين پاران اسپتال ۾ روشني سسٽم لڳائڻ لاء شهر مان جهولي فنڊ ڪري انوکو احتجاج پڻ ڪيو۔

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ساحل سڪندر چولياڻي جيڪال ڪلهوڙو مجيب چانڊيو ، سني ڪاڪيپوٽو، ڳالهائيندي چيو ته وارھ تعلقي اسپتال ۾ لکين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود عوام کي ڪابه سهولت ميسر ناهي،
غريب عوام کي ميڊيسن نٿي ڏني وڃي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رات جي وقت اسپتال ۾ مڪمل اونڌاهي ۾ ٻڏل آهي، مريضن چڪاسڻ لاءِ ڊاڪٽر موبائيل فون جي لائيٽ ٻاهري چيڪ به ڪن ٿا، انجيڪشن به لائيٽ ٻاهري لڳائي رهيا آهن۔

رات جي وقت نانگ يا وڇون جي ڏنگيل مريض جي ڪا به خبر نٿي پئي ته هي مريض نانگ جو ڏنگيل آهي يا وڇون جو، اهڙي صورتحال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر سميت مريض خود پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسين مجبور ٿي تعلقه اسپتال ۾ لائيٽ سسٽم لڳائڻ لاءِ شهر مان جهولي فنڊ ڪري رهيا آهيون جهولي فنڊ گڏ ڪري ايم ايس وارھ ڏينداسين، ان مان لائيٽون لڳرائيندسين، اسپتال ۾ تقريبن 32 ڊاڪٽر مقرر هجڻ مان صرف 4 ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، هنن اعلي اختيارين کان کان مطالبو ڪيو ته تعلقه اسپتال ۾ سموريون سهولتون ميسر ڪري غريب عوام کي ميڊيسن پڻ ڏني وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here